By Administrator on 2020-11-03 16:29:08

Parent Note No 12

Parents Note No 12

 

محترم والدين اسلام عليڪم / نمستي.

جيئن ته سياري جي سرد موسم شروع ٿي ويئي آهي ۽ انهي بدلجندڙ موسم ۾ پنهنجن ٻارن جو خاص خيال رکندا.

ڪرونا وائرس جو خطرو اڃا ختم نه ٿيو آهي، حڪومتي احڪامن کي نظر ۾ رکندي (SOPs) کي سختي سان جاري رکيو ويو آهي، جنهن ۾ توهان والدين جو ڀرپور ساٿ رهيو آهي ۽ جاري رهندو.

ڪجهه خاص ڳالهين تي توجه فرمائيندا:

  1. اسڪول ٽائيم 8:30 (صبح) کان 1:00 بجي (منجهند) تائين رکيو ويو آهي.
  2. ٻارن جي ناشتي جو خاص خيال رکندا، ٻارن کي گهر جو تيار ٿيل ناشتو پيڪ ڪري ڏيندا.
  3. مارڪيٽ مان مليل کاڌو: چپس ۽ ٻيون شيون، اسڪول ۾ کائڻ جي سخت منع آهي.
  4. ٻارن جي اسيسمينٽ 2020 يا (ٽرمينل ٽيسٽ) 12/12/2020 کان ٿي رهي آهي، جنهن جي استاد محترم سٺي نموني سان تياري ڪرائي رهيا آهن.
  5. اهم ڳالهه اها نوٽيس ۾ آئي آهي ته ٻارن جا ڪتاب اڃا تائين نه ورتا ويا آهن / مڪمل ڪورس نه ورتو ويو آهي. پراڻن ڪتابن تي ٻار سکڻ بغير حل ڪري رهيا آهن، جنهن سان ٻارن جي پڙهائي ۾ صحيح فائدو نٿو نٿي.
  6. فيس چالان ٻارن کي مهيا ڪيا ويا آهن، جنهن کي بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندا. جن ٻارن کي چالان نه ملي سگهيو آهي، انهن جي والدين کي عرض ڪجي ٿو ته جلد رابطو ڪن.  (آخري تاريخ 10.11.2020 آهي).

نوٽ:

جن والدين گذريل مهيني قسطن ۾ فيس جمع ڪرائي هئي، انهن کي به گذارش آهي ته هن مهيني به (ڏهه) 10 تاريخ کان اڳ اسڪول سان رابطو ڪندا.

خاص ڳالهه:

اسين ڪجهه والدين سان گذريل اٺن مهنين کان رابطي ۾ آهيون، ۽ بار بار گذارش ڪرڻ تي اڄ ڏينهن تائين فيس ۾ سهڪار نه ڪري رهيا آهن، انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي اسڪول انتظاميه سان ملن.

اسڪول جي ڊريس ۽ سوئيٽر جي معلومات لاءِ اسڪول انتظاميه سان رابطو ڪري پوءِ خريد ڪندا.

توجه طلب:

جيئن ته توهان کي خبر آهي ته ’ديپ اڪيڊمي مٺي، ٿرپارڪر‘ جو پهريون آن لائين اسڪول آهي، ۽ اسان جا استاد روزانو آن لائين اسائينمينٽ ڏيئي رهيا آهن، ۽ ڪافي شاگرد آن لائين جمع به ڪرائي رهيا آهن، هن سلسلي کي هن پئنڊيمڪ (Pandemic) ۾ جاري رکنداسين، فقط توهان جي تعاون جي ضرورت رهندي.

مهرباني