Notifications

Parent Note No 12

Parents Note No 12   محترم والدين اسلام عليڪم / نمستي. جيئن ته سياري جي سرد موسم شروع ٿي ويئي آهي ۽ انهي بدلجندڙ موسم ۾ پنهنجن ٻارن جو خاص خيال رکندا. ڪرونا وائرس جو خطرو اڃا ختم نه ٿيو آهي، حڪومتي احڪامن کي نظر ۾ رکندي (SOPs) کي سختي سان جاري رکيو ويو آهي، جنهن ۾ توهان والدين جو ڀرپور ساٿ رهيو آهي ۽ جاري رهندو. ڪجهه خاص ڳالهين تي توجه فرمائيندا: اسڪول ٽائيم 8:30 (صبح) کان 1:00 بجي (منجهند) تائين رکيو ويو آهي. ٻارن جي ناشتي جو خاص خيال رکندا، ٻارن کي گهر جو تيار ٿيل ناشتو پيڪ ڪري ڏيندا. مارڪيٽ مان مليل کاڌو: چپس ۽ ٻيون شيون، اسڪول ۾ کائڻ جي سخت منع آهي. ٻارن جي اسيسمينٽ 2020 يا (ٽرمينل ٽيسٽ) 12/12/2020 کان ٿي رهي آهي، جنهن جي استاد محترم سٺي نموني سان تياري ڪرائي رهيا آهن. اهم ڳالهه اها نوٽيس ۾ آئي آهي ته ٻارن جا ڪتاب اڃا تائين نه ورتا ويا آهن / مڪمل ڪورس نه ورتو ويو آهي. پراڻن ڪتابن تي ٻار سکڻ بغير حل ڪري رهيا آهن، جنهن سان ٻارن جي پڙهائي ۾ صحيح فائدو نٿو نٿي. فيس چالان ٻارن کي مهيا ڪيا ويا آهن، جنهن کي بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندا. جن ٻارن کي چالان نه ملي سگهيو آهي، انهن جي والدين کي عرض ڪجي ٿو ته جلد رابطو ڪن.  (آخري تاريخ 10.11.2020 آهي). نوٽ: جن والدين گذريل مهيني قسطن ۾ فيس جمع ڪرائي هئي، انهن کي به گذارش آهي ته هن مهيني به (ڏهه) 10 تاريخ کان اڳ اسڪول سان رابطو ڪندا. خاص ڳالهه: اسين ڪجهه والدين سان گذريل اٺن مهنين کان رابطي ۾ آهيون، ۽ بار بار گذارش ڪرڻ تي اڄ ڏينهن تائين فيس ۾ سهڪار نه ڪري رهيا آهن، انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي اسڪول انتظاميه سان ملن. اسڪول جي ڊريس ۽ سوئيٽر جي معلومات لاءِ اسڪول انتظاميه سان رابطو ڪري پوءِ خريد ڪندا. توجه طلب: جيئن ته توهان کي خبر آهي ته ’ديپ اڪيڊمي مٺي، ٿرپارڪر‘ جو پهريون آن لائين اسڪول آهي، ۽ اسان جا استاد روزانو آن لائين اسائينمينٽ ڏيئي رهيا آهن، ۽ ڪافي شاگرد آن لائين جمع به ڪرائي رهيا آهن، هن سلسلي کي هن پئنڊيمڪ (Pandemic) ۾ جاري رکنداسين، فقط توهان جي تعاون جي ضرورت رهندي. مهرباني

4 years ago
Parent Note No 011

محترم والدين اسلام عليڪم / نمستي اسان توهان سڀني جا ٿورائتا آهيون جو توهان ۽ توهان جا ٻار سٺي ريت گورنمينٽ جي ٻڌايل SOP’s تي عمل ڪري رهيا آهيون. ڪجهه خاص ڳالهيون هڪ دفعو واري ياداشت لاءِ.1. Mask جو استعمال لازمي آهي.2. والدين کي گذارش ته اسڪول ۾ ملاقات لاءِ اڳواٽ ٽائيم وٺن.3. اسڪول گورنمينٽ جي آرڊر سان Alternate Day تي هلي رهيو آهي. جنهن ۾ اسان Hybrid Model تحت اسڪول جو ڪم هلائي رهيا آهيون. Hybrid Model هڪ ڏينهن روبرو (Face to Face) ڪلاس ۽ ٻي ڏينهن Assignment/Home Work Internet جي ذريعي جمع ٿيندي/ ڪئي وڃي.4. اسان ٻار کي پوري سپورٽ ڪرايو پيا ته جيئن موڪلن جا Learning Loss جلد Cover ڪري سگهن.5. والدين کي هدايت ٿي ڪجي ته پنهنجي ٻارن کي مقرر ڏينهن تي موڪلين.6. ٽائيم جي پابندي جو خاص خيال رکندا. ڇُٽي ٽائيم تي ٿيندي آهي. وڌيڪ رش ٿيڻ جي صورت ۾ Social Distancing جو خيال رکن مهرباني.7. فيس چالانن جي پهرين مرحلي ۾ والدين جو سٺو تعداد رهيو ٻئي مرحلي جا چالان بنا ليٽ فيس جي سڀاڻي 2020/10/13 تي سڀن والدين کي موڪلينداسين.جنهن جي آخري تاريخ 2020/10/17 انهي کان بعد ۾ جمع ڪرائڻ وارن کان ليٽ فيس به چارج ٿيندي.8. هنن حالتن ۾ ٻارن جي صحت جو گهڻي ۾ گهڻو خيال رکندا .شڪريهمنئجمينٽديپ اڪيڊمي مٺي

4 years ago
Parent Note 008

                                                                                                                               DEEP ACADEMY MITHI          DAM/PN/2020-008                                                                                     Dated 28-08-2020   محترم والدين اسلام عليڪم...... اميد ته الله جي رضا سان  سڀ خيريت سان هوندا هڪ دفعو وري سڀني والدين سان متوجه ٿيون پيا. اچو ته هن عالمي خواندگي World Literacy Day-2020جي ڏينهن جيڪو 8 سيپٽمبر تي اسين ملهائي رهيا آهيون،  ان ۾ اسان اهو واعدو ڪيون ته ا سان پنهنجا ٻار وقت جي حساب سان ڪنهن به طريقي سان پڙهائينداسين. پڙهائي جي مختلف طريقن کي اپنائيندي ديپ اڪيڊمي مٺي ٿرپارڪر ضلعي جو پهريون آن لائين اسڪول، جنهن Blended  لرنينگ ماڊل جي ذريعي ٻارن جي  پڙهائي، هن وبائي صورت ۾ به جاري رکي آهي، هاڻ اسان کي پنهنجن انهن ٻارن جي وڌ کان وڌ فڪر  ٿي رهي آهي، ته جيڪي ٻار ڪنهن به  Blended Learning Model مان فائدو نه وٺي سگهيا آهن انهن لاءِ هڪ دفعو وري اپيل ڪجي ٿي ته ڇهن مهينن کان اسڪول بند هئڻ جي ڪري ۽ پڙهائي جاري نه رکڻ جي ڪري ٻارن جا     esLearning Loss  70% کان مٿي ٿي ويا آهن انهن جي ڀرپائي  ۽ اسڪول (Re-opening) ۾ ڪافي  دشواري سڀنن جئين ته شاگردن، والدين ۽ استادن کي  پيش ايندي. پر توهان کي فڪر ڪرڻ جي ضروت ناهي ديپ اڪيڊمي مٺي هر قسم جي چئيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار آهي.  ڪجهه ٻيون اهم ڳالهيون ايندڙ نوٽيفڪيشن ۾ پڌريون ڪيون وينديون. رابطي لاءِ روبرو ملو. اڳواٺ اطلاح ڏيئي. ٽائيم 10 کان 2:00 PM تائين روزانه سومر کان ڇنڇر تائين   توهان جا خير انديش ديپ اڪيڊمي انتظاميه                            

4 years ago
Important Parent Note 007

                                                                                                                               DEEP ACADEMY MITHI          DAM/PN/2020-007                                                                                     Dated 12-08-2020    محترم والدين اسلام عليڪم، نمستي. انتظار جون گهڙيون پوريون ٿيون. سنڌ گورنمينٽ جي آرڊر سان اسڪول 15 سيپٽمبر  2020 تي کولڻ جو اعلان ٿي ويو آهي. ديپ اڪيڊمي مٺي هن  وبا جي حالت ۾ به بغير ڪنهن ٽائيم کي ضايع ڪندي جديد طرز سان ٻارن جي پڙهائي جاري رکئي آهي. ها اسان کي خبر آهي، ته روبرو ڪلاس روم جو ڪو به متبادل نه آهي. پر جئين حالات آهن انهن حالتن ۾ ترقي جي موقعي کي اسان ضايع نه ٿيڻ ڏنو آهي. وقت سان گڏوگڏ اڳيان وڌڻ ۾ ئي قومن جي بقا آهي. جشن آزادي 14 آگسٽ 2020 تي ديپ اڪيڊمي مٺي پهرين دفعوVirtual Celebration  ڪرڻ وڃي رهي آهي. انهي ۾ ٻارن جا تقريري ۽ ملي نغمن جا مقابلا شامل ڪيا ويا آهن. سڀني ٻارن کي هدايت ٿي ڪجي ته سڀئي ٻار هن پروگرام ۾ حصو وٺن. مقابلن جو ٽائيم ٽيبل 13 اگسٽ 2020 تي نوٽيفڪيشن ۾ اپلوڊ ڪيو ويندو.   پاڪــــــــــــــــستان  زنــــــــــده بــــــــــــاد شڪريه     انتظاميه۽ آن لائن ڪاميٽي ديپ اڪيڊمي مٺي  

4 years ago
Parent Note 006 Repeated

                                                                                                                               DEEP ACADEMY MITHI          DAM/PN/2020-006                                                                                     Dated 06-08-2020 Plan Consist of Development of Literacy & Numeracy Skills   والدين توجه فرمائين! آگسٽ جي مهيني جو ٽآئيم ٽيبل نوٽيفڪيشن تي اپلوڊ ڪري ڇڏيو. انهي ۾ خاص ڳالهيون هيٺ بيان ڪجن ٿيون. هي ٽائيم ٽيبل گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ٺاهيو ويو آهي. ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته اسڪول ۾ روبرو ملندا. Zoom ڪلاس جي حوالي سان والدين کي هدايت ڪجي ٿي ته هي ڪلاس باقاعدي ٻار اسڪول وانگر اٽينڊ ڪن جئين ته ڪاپي، ڪتاب پينسل پين وغيره. پاڻ وٽ موجود هجن. ٽيبل ڪرسي تي ويهن. ٻارن کي حساب Zoom  تي روبرو پڇبا، لکريا  ۽ سمجهايا ويندا. سائنس جون ايڪٽوٽيز  به هن مهيني ۾ شامل آهي. Zoom ڪلاس ڊسيپلين سان اٽينڊ ڪرڻ لازمي آهي. والدين ٻارن جا پهريان استاد آهن تنهن ڪري ٻارن کي اوهان جي سپورٽ جي وڌ کان وڌ  ضرورت آهي. Zoom ڪلاس لنڪس ٻارن جي Login IDs ۾ الرٽ تي ايندا. ٽائيم جو خاص رکندا. اسڪول جلد کلندا SOPs تحت کلندا (As Per Government Order )  SOPs جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ٽائيم وٺي ملو.  ٻارن جي آگسٽ 2020 جي فيس ڊيو ٿي وئي آهي.جنهن جي آخري تاريخ 12 آگسٽ 2020 آهي. فيس جي بقايا جا ميسيج هر والدين کي ڪري ڇڏيا آهن. شڪريه     انتظاميه۽ آن لائن ڪاميٽي ديپ اڪيڊمي مٺي

4 years ago
Parent Note 006

                                                                                                                               DEEP ACADEMY MITHI          DAM/PN/2020-006                                                                                     Dated 06-08-2020 Plan Consist of Development of Literacy & Numeracy Skills   والدين توجه فرمائين! آگسٽ جي مهيني جو ٽآئيم ٽيبل نوٽيفڪيشن تي اپلوڊ ڪري ڇڏيو. انهي ۾ خاص ڳالهيون هيٺ بيان ڪجن ٿيون. هي ٽائيم ٽيبل گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ٺاهيو ويو آهي. ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته اسڪول ۾ روبرو ملندا. Zoom ڪلاس جي حوالي سان والدين کي هدايت ڪجي ٿي ته هي ڪلاس باقاعدي ٻار اسڪول وانگر اٽينڊ ڪن جئين ته ڪاپي، ڪتاب پينسل پين وغيره. پاڻ وٽ موجود هجن. ٽيبل ڪرسي تي ويهن. ٻارن کي حساب Zoom  تي روبرو پڇبا، لکريا  ۽ سمجهايا ويندا. سائنس جون ايڪٽوٽيز  به هن مهيني ۾ شامل آهي. Zoom ڪلاس ڊسيپلين سان اٽينڊ ڪرڻ لازمي آهي. والدين ٻارن جا پهريان استاد آهن تنهن ڪري ٻارن کي اوهان جي سپورٽ جي وڌ کان وڌ  ضرورت آهي. Zoom ڪلاس لنڪس ٻارن جي Login IDs ۾ الرٽ تي ايندا. ٽائيم جو خاص رکندا. اسڪول جلد کلندا SOPs تحت کلندا (As Per Government Order )  SOPs جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ٽائيم وٺي ملو.  ٻارن جي آگسٽ 2020 جي فيس ڊيو ٿي وئي آهي.جنهن جي آخري تاريخ 12 آگسٽ 2020 آهي. فيس جي بقايا جا ميسيج هر والدين کي ڪري ڇڏيا آهن. شڪريه     انتظاميه۽ آن لائن ڪاميٽي ديپ اڪيڊمي مٺي  

4 years ago
Parent Note 005. Zoom Class Info

                                                                                                                               DEEP ACADEMY MITHI          DAM/PN/2020-005                                                                                     Dated 27-07-2020   والدين سان پهرين آن لائن ميٽنگ 2020-07-26  تي ٿي گذري جنهن جي وڊيو ويب سائيٽ تي Blog تي رکي ڇڏي آهي. سڀني والدين جي صلاحن کي مدنظِر رکندي ديپ اڪيڊمي مٺي جي آن لائن صلاڪار ٽيم ۽ انتظاميه Zoom ڪلاسن جي پرائيوسي ۽ سڪيورٽي  جي حوالي سان هٺيان اصول ٺاهيا آهن. هر ٻار کي Zoom ڪلاسن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پنهنجيIDs  Login هجڻ لازمي آهي. Zoom ميٽنگ جي IDs ۽ password فقط ٻارن جي Login IDs تي ايندا. والدين ۽ شاگردن کي خاص طور تي هدايت ڪجي ٿي ته پنهنجي Zoom  Link/ IDs  ٻي ڪنهن سان Share نه ڪن. والدين کي روزانه جي بنياد تي نوٽيفڪيشن ڏسڻ لازمي آهي. Website هلائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي دشواري پيش اچي ته اسڪول انتظاميه سان اڳواٽ رابطو ڪن، روبرو ٽائيم وٺي ملن. اميد ته توهان اسان جي ٻڌايل ڳالهين تي عمل ڪندا ۽ هن مشڪل وقت ۾ به پنهنجن ٻارن جي پڙهائي کي جاري رکندا، ڇو جو ٻار پنج مهينن کان اسڪول ۾ نه آهن. انهن جا تعليمي نقصان هاڻ وڌندا ويندا. نوٽ؛ پڙهائي بابت ڄاڻ لاءِ روبرو اڳواٽ ٽائيم وٺي ملو، فون نمبر 261820-0232 ٽائيم  9:30 صبح کان 4:00 شام بجه   شڪريه     انتظاميه۽ آن لائن ڪاميٽي ديپ اڪيڊمي مٺي  

4 years ago
Parent Note Sindhi

DEEP ACADEMY MITHI     DAM/PN/2020-003                                                                                                     Dated 15-07-2020 محترم والدين  آداب ڪرونا وائرس Covid-19  جي وبا سڄي دنيا کي هر لحاظ کان مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ نظام تعليم به هڪ آهي. (Deep Academy Mithi)جي ڪاوشن کي تفصيلي طور ڏسڻ لاءِ Deep Academy Mithiيوٽيوب چينل کي سبڪرائب ڪندا ۽ ڏسندا. نظام تعليم تبديل ٿي ويو آهي. دنياوي طوڙي ملڪي پاليسن جي حوالي سان Deep Academy Mithi ڏينهن رات هڪ ڪري، پنهنجن استادن سان گڏجي ڪجهه اهڙا نوان سسٽم متعارف ڪرايا آهن  جيڪي دينا ۾ هلندڙ آهن جهڙوڪ آن لائن جديد تدريسي سسٽم، (هڪ آسان ۽ آساني سان سمجهه ۾ ايندڙ لرننگ مينجمنٽ سسٽم (LMS) Screenshot   Blended Learning Model (BLM) فاصلاتي ۽ تعليمي مواد جي فراهمي. ٽريڊشنل لرننگ ماڊل Traditional Learning Model ماڊل ڪهڙا به هجن Deep Academy Mithi جو خاص مشن آهي ته ٻار کي پڙهائي ۾ مصروف رکڻ.            والدين لاءِ گذارشون اسڪول جي نمبرن تان ميسج اچن تا انهن جو جواب ميسج جي ذريعي ڏين، يا فقط ok ڪن. آسان گفتگDeep Academy Mithii جي ويب سائيٽ آهي، جنهن ۾ نوٽيفڪيشن Notification روزانه جي بنياد تي چيڪ ڪرڻ گهرجن. ويب سائيٽ تي Blog به ڏسڻ والدين جي ذميداري آهي. ٻارن جون s Login ID’s ۽ پاسورڊ جلد وٺندا. ڪافي والدين ۽ ٻار جون جي پهرين هفتي کان رابطي ۾ آهن ۽ انهن جي پڙهائي هلي رهي آهي. Zoom  ٽرائل ڪلاس اڄ کان وٺي شروع ٿي ويا آهن. جنهن ۾ والدين کي معودبانه گذارش آهي ته پرائيوسي جو خاص خيال رکن. والدين کي هڪ دفعو وري گذارش ٿي ڪجي ته جيڪي اڃان تائين ٻارن جي پڙهائي جاري نه ڪرائي سگهيا آهي انهن کي ميٽنگ جي دعوت ڏجي ٿي. اڳواٽ ٽائيم وٺي ملن ۽ SOPs جو خاص خيال رکن. ڪافي والدين فيس ٽائيم تي ڏيڻ جو سهڪار ڪيو آهي. جنهن جا اسين مشڪور آهيون. اسڪول فيس هميشه مهيني جي شروعات ڏينهن ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. فيس جي حوالي سان اسان نوٽيفڪيشن 14 جون 2020 سڀني والدين کي واٽس اپ ڪيا هئا. اسان کي انهي وبائي حالتPandemic جيڪو ڪرونا وائرس جي ڪري ٿيو آهي. انهي ۾ اسان کي پنهنجي ٻارن کي پڙهائي کان هٽائڻ نه گهرجي. هڪ تعليمي مثبت سوچ رکندي، مونکي اڄ ڊپ ۽ پريشاني ٿي رهي آهي. پڙهائي کان غير حاضري جي نقصان جا اثر هاڻ شروع ٿيندا(Learning Losses), . ٻار ڏٺو ويو آهي ته آن لائن تي پنهنجو وقت گيمز تي ضايح ڪري رهيا آهن. ڇا ....................... توهان جو ٻار انٽرنيٽ جو صحيح استعمال ڪري رهيو آهي.......؟ ٻارن جو پڙهائي ۾ مصروف نه رهڻ اسانکي ترقي بدران پٺتي ڪري ڇڏندو. سياڻن جو اهو قول آهي ته ويل وقت واپس ڪونه ايندو اسان کي جديد دور سان هلڻ  ۾ ئي اسان سڀئي هن مشڪل جي گهڙي ۾ بچي سگهنداسين.     توهان جو خير انديش ايڊمينسٽيٽر ديپ اڪيڊمي مٺي      

4 years ago
July 2020 Study Plan with Joy

2020 July All classes, Matric, 1 to 8 & KGI -KGII MONDAY TUESDAY WEDNESDAY THURSDAY FRIDAY SATURDAY SUNDAY 29 30 01 02 03 04 05               06 07 08 09 10 11 12               Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subject lectures respectively  Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subject lectures respectively  Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subjects lectures respectively    13 14 15 16 17 18 19 Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subject lectures respectively  Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subject lectures respectively  Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subjects lectures respectively    20 21 22 23 24 25 26 Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subject lectures respectively  Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subject lectures respectively  Video Lectures Timing from 10 Am to 2 Pm.  Assignment of each subjects lectures respectively    27 28 29 30 31 01 02 Day Allotted for assignment completion Assessment Of June and July 2020 Assessment Of June and July 2020 Eid Holiday Eid Holiday Eid Holiday Eid Holiday 03 04 Notes:     Feel Free to ask any Question-Related to Lectures and assignments. Assessment will be held in the last of the month from 28-7-2020 to 30-7-2020. The pattern will be shared to you by 15-7-2020. Eid Holidays Starts Subject to appearance of moon. Daily All subjects lectures and assignment will be uploaded according to schedule. 

4 years ago